جگر مرادآبادي

جگر مرادآبادي

جگر مرادآبادي

’جگر ‘ مرادآبادي: مشهور اردو شاعر جگر مرادآبادي جو اصل نالو علي سڪندر ولد مولوي نظر علي مرادآبادي هو . ’جگر ‘ سندس تخلص هو . جگر مرادآباديءَ 1880ع ۾ جنم ورتو ، جڏهن ته محمود علي خان جامعي سندس پيدائش جو سال 1893ع ڄاڻايو آهي . سندس تعلق مذهبي گهراڻي سان هو . سندس ابا ڏاڏا پهرين دهليءَ ۾ رهندا هئا . فرخ سير جي وفات کانپوءِ لڏي مرادآباد ۾ اچي رهيا . هن شروعاتي تعليم اسٽينلي اسڪول لکنؤ مان حاصل ڪئي ، جتي هو نائين جماعت تائين پڙهيو . نائين ڪلاس ۾ ڪيترا دفعا ناپاس ٿيو . بعد ۾ معلم محمد صديق جي رهنمائيءَ ۾ عربيءَ ، فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين . جنهن بعد محمد عاقل نالي شخص جي دڪان تي نوڪري ڪيائين ، جنهن جو عينڪن جو ڪاروبار هو . جگر ٽي شاديون ڪيون . پهرين شادي 1915ع ۾ وحيدن بيگم سان ڪيائين ، جيڪا آگري ۾ رهندي هئي ، جيڪا پيشي جي لحاظ کان ڪوٺي تي ڳائيندڙ عورت هئي . جگر ساڻس ڏاڍي محبت ڪندو هو . ٻن سالن کانپوءِ وحيدن بيگم جو انتقال ٿيو . جگر کي سندس جدائيءَ جو وڏو ڏک ٿيو ۽ گهڻي شراب پيئڻ ڪري سندس حالت خراب ٿيڻ لڳي . انهيءَ زماني ۾ جگر جي ملاقات اردوءَ جي مشهور شاعر اصغر گونڊويءَ سان ٿي ، جنهن کيس پنهنجي ساليءَ نسيم بيگم سان شادي ڪرڻ جو مشورو ڏنو . ان کان پوءِ جگر جي ٻي شادي نسيم بيگم سان ٿي . هن جي ٽين شادي پنهنجي دوست ايغي ’اصغر ‘ جي طلاق شده گهر واريءَ سان ٿي ، جيڪا نسيم بيگم جي وڏي ڀيڻ هئي . جگر مراد آباديءَ تي هڪ وقت اهڙو به آيو جو هن شراب پيئڻ ڇڏي ڏنو ۽ سخت مذهبي انسان بڻجي ويو . هن حج به ڪيو ۽ قاضي عبدالغني منگلوريءَ جي هٿ تي بيعت ورتائين .
جگر مرادآبادي ، هندستان جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي ، کيس هندستاني حڪومتپدم ڀوشن ‘ جو اوارڊ ڏنو . کيس علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ملي . سندس شاعريءَ جو مجموعو ’آتش گل ‘ تمام گهڻو مشهور ٿيو . جنهن تي ساهتيه اڪيڊميءَ جگر کي روڪ انعام ڏنو . جگر مرادآباديءَ جي استادن ۾ ڪيترا اهم شخص شامل آهن ، جهڙوڪ: ’داغ دهلوي ‘ ، ’رسا رامپوري ‘ ، ’تسليم ‘ وغيره . جگر مرادآبادي ان کان سواءِ پاڻ خود معظم جاهه بيخود ، عارف ، شڪيل بدايوني ، شارق احمد ۽ راز مرادآباديءَ کي پنهنجو استاد تسليم ڪندو هو . جگر مرادآبادي اردو شاعريءَ جي تاريخ ۾ هڪ الڳ مقام رکي ٿو . هن کي اردو غزل جو وڏو شاعر مڃيو وڃي ٿو .
جگر مرادآباديءَ 1960ع ڌاري گونڊا ۾ وفات ڪئي .


لفظ جگر مرادآباديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1880.00.00  عيسوي

جگر مرادآباديءَ 1880ع ۾ جنم ورتو


1960.00.00  عيسوي

جگر مرادآباديءَ 1960ع ڌاري گونڊا ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جهانگير بدر
احمد مغل
دلشاد بيگم مرزا
حڪيم قاضي عبدالعزيز عزن مورائي
جتوئي عارف مصطفيٰ
سيف الله خان مگسي
راشدي سليم
چوڌري فضل الاهي
ڄام صديق ابڙو
سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون